سيد عطا حسين شاهه موسوي

سيد عطا حسين شاهه موسوي

سيد عطا حسين شاهه موسوي

سيد عطا حسين شاهه موسوي: سيد عطا حسين ولد سيد ويڌل شاهه موسوي 1898ع ڌاري روهڙي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان حاصل ڪئي، 1917ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ۽ 1921ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. انهيءَ سال کيس شڪارپور هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ڪيو ويو. 1923ع ۾ هن بمبئيءَ مان بي. ٽي جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هي نوشهري مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جو استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ 1927ع ڌاري هيڊماستر مقرر ٿيو. ان دوران هن عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن کي ڪجهه وقت لاءِ مُلا اسڪولن جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1929ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي اسڪولن جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ٿيو. 1941ع ۾ کيس اتر سنڌ جي اسڪولن جو اسسٽنٽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1947ع ۾ کيس زميندار ڇوڪرن جي اسڪولن لاءِ ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو. 1950ع ۾ کيس سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولس مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تان 1953ع ۾ رٽائر ٿيو.
سيد عطا حسين شاهه جي باري ۾ ’جي. ايم سيد‘ پنهنجي ڪتاب ’جُنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو ته: هن جتي به نوڪري ڪئي ته ان حد جي زميندار ۽ زيردستن سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا، جيڪي زندگيءَ جي آخر دم تائين رهيا. تر جي ماڻهن جون وس آهر خدمتون سرانجام ڏنائين.
سيد عطا حسين شاهه ڪيترا ڪتاب پڻ تصنيف ڪيا، جن ۾: (1) ’ڪچ ڪوڏيون‘ ۽ (2) پير ميان صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري جي ڪافين جو ڪتاب قابل ذڪر آهن.
سيد عطا حسين شاهه جون 1966ع ۾ وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند سيد شفقت حسين شاهه موسوي ۽ سيد امداد حسين شاهه هئا، جن مان سيد شفقت حسين شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو